اسل??م آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. سينيٽ چيئرمين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ته بي گهر ٿيندڙ م??ڻه?? جي مدد لاءِ هر ممڪن ق??م کنيا وڃن ۽ جن علائقن جو رابطو ملڪ جي ٻين حصن سان ڪٽجي ويو آهي ان??ن جي بحالي لاءِ مناسب ق??م کنيا وڃن.