اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي ماهوار بنيادن بدران هر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي منظ??ري ڏيئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا کان منظ??ري کانپوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ کان لاڳو ٿيندو، اجلاس ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن ذريعي ٽي لک ٽن کنڊ جي درآمد جي منظ??ري پڻ ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ توانائي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي هر مهيني بدران هر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي منظ??ري ڏني وئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ٽن لک ٽن ريفائن کنڊ جي درآمد بابت تجويز جي منظ??ري ڏني وئي ته جيئن اڳتي ڪريشنگ سيز کان اڳ کنڊ جي وڏي مقدار ۾ ذخيري کي برقرار رکي سگهجي ۽ کنڊ جي کوٽ کان محفوظ رهي سگهجي. اجلاس ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل ج?? قيمتن جي لاءِ هر 15 ڏينهن کانپوءِ ??لي?? اوسط جي بنياد تي نئون طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي منظ??ري پڻ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي منظ??ري کانپوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ 2020ع کان لاڳو ٿيندو، ان طريقيڪار تحت ريفائنريز ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي ٽن مهينن جي منصوبابندي بهتر انوينٽري انتظام ۽ انصرام، سيلز جي بهتر رپورٽنگ ۽ اسٽاڪ جي ضرورتن، شفافيت، قيمتن جي واضح صورت ۽ ڪنهن هڪ آئل مارڪيٽنگ ڪمپني تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. موجوده نظام تحت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين مهيني جي بنيادن تي ريفائنريز کي تيل صاف ڪرڻ کان اڳ جي قيمت جي اعلان جي اجازت تحت ٿئي ٿو جڏهن ته ان جي لاءِ اها شرط رکي وئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمت پي ايس او جي گذريل مهينن جي حقيقي اوسط درآمدي قيمتن کان وڌيڪ نه هجي.