اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??نيٽر شبلي فراز چيو آهي ته فنڪارن کي انهن جي ڪم جي رائلٽي ملڻ انهن جو حق آهي، ڪاپي رائيٽس جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻنداسين، فلم ٽاسڪ فورس جو قيام جلد کان جلد عمل ۾ آندو ويندو جنهن ۾ حڪومتي عهديدارن سان گڏوگڏ فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل نالن کي به شامل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلمي صنعت سان لاڳاپيل فنڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌر??ن سان وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ ڪيو.