اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چ??و آهي ته ملڪي معيشت ۽ ترقي کي نشانو بڻائڻ وارا پنهنجي ناپاڪ ڏوهن ۾ ناڪام رهندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته پنهنجي جان تري تي رکي عوام جي زندگين جو تحفظ ڪندڙ ۽ حملي کي ناڪام بڻائيندڙ اسان جا قابل فخر هيرو آهن، هن چيو ته شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت ۽ ڏکويل خاندانن سان د??ي تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان.