مهمند – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گئس ۽ بجلي جُون قيمتون نه وڌائڻ جو واضح اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان جي حڪوم?? ملڪي نظام ٺيڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، مشڪل وقت مان گذري آيا آهيون، هاڻي سٺو وقت ايندو، مهانگائي تي ضابطو آڻي ورتو آهي، ذخيره اندوزي ڪري پ??سو ڪمائيندڙ کي نه ڇڏيندس، ڪجهه به ٿي وڃي بجلي گئس جي قيمت وڌڻ نه ڏينداسين پر گهٽ ڪنداسين، ??وام ڪڏهن به اهڙي پ??رٽي کي ووٽ نه ڏي جنهن جا ٻاهرين ملڪن ۾ محلاتون ۽ اڪائونٽس هجن، ??ڄي جو سڄو ٽولو ٻاهر ويٺو آهي، چو??ي نه ڪندڙ کي لنڊن ڀڄڻ جي ضرورت ناهي هوندي، افغانستان سان واپار جي لاءِ سرحد کولي ويندي، افغانستان ۾ امن معاهدي جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ڪفالت پروگرام جي حوالي سان هتي منعقد عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.