اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فنانس ترمي??ي ايڪٽ ۾ غير ملڪي ڊرامن ۽ اشتهارن جي لاءِ غير ملڪي ما??لز وٺڻ تي ٽيڪسن ۾ اضاف?? جو مقصد پاڪستان جي فلمي صنعت ۽ فنڪارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فنانس ترمي??ي ايڪٽ ۾ جتي سينيما ۽ فلم پروڊڪشن جي مشينري تي ٽيڪس نه آهي اتي غير ملڪي ڊراما درآمد ڪرڻ ۽ اشتهارن ۾ غير ملڪي ما??لز وٺڻ تي وڏو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. انهن قدمن جو بنيادي مقصد پاڪستان جي فلمي صنعت ۽ فنڪارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.