دوحه- 13 فيبروري (اي پي پي) فلسطين جي صدر محمود عباس ۽ ??طر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني غزه جي پٽي ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن جي تازي ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. اردو نيوز مطابق دوحه ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فوري جنگ بندي جي غرض سان ٿيندڙ معاهدي لاءِ جاري ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن سان فلسطين مسئلو جو هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل جي راهه هموار ٿي سگهي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تشدد ۾ اضافي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفا لاڳاپن ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي طريقي ج?? جائزو ورتو. شيخ تميم فلسطيني جدوجهد لاءِ ??طر جي غير متزلزل حمايت ۽ فلسطيني عوام سان ??ن جي صحيح قومي امنگن جي حصول جي ڪوششن ۾ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ??طر جي عوام غزه ۾ جاري جنگ کي روڪڻ ۽ اولهندي ڪناري ۾ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي غرض سان ??فارتي ۽ ثالثي جي ڪوششن لاءِ پرعزم آهي.