اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مستونگ روڊ ڪوئيٽا ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ??هي ته سيڪيورٽي فورسز سڄي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جي قربانين کان به نه ٿيون ڪٻائين. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??ه دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪاررواين ۽ ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائيندا رهنداسين. هن چيو ??ه هو ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي سيڪيورٽي جي جوانن جي بلند درجن ۽ گهرڀاتين جي صبر جميل جي لاءِ دعاگو آهي. هن چيو ??ه ٽي ٽي پي جي باقي رهيل دهشتگردن جو خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين.