اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي بح??يه يونيورسٽي جي مشن ۽ وي??ن کي جديد دو?? جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بح??يه يونيورسٽي جي حوالي سان هڪ بريفنگ دوران ڪيو. بح??يه يونيورسٽي جي ريڪٽر وائيس ايڊمرل (ر) ڪليم شوڪت صدر کي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ صدر کي يونيورسٽي جي تعليمي سرگرمين، شعبن ۽ اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر معياري اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان بح??يه يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو، ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مارڪيٽ جي ضرورتن موجب گريجوئيٽس تيار ڪيا وڃن. صدر چيو ته يونيورسٽي جي مشن ۽ وي??ن کي جديد دو?? جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪن. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.