لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي جي عڪاس هوندي، بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪيو ويندو، آمدني ۾ اضافو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا ويندا، اليڪشن سڌارن سميت ٻين اهم معاملن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومتي چاهي ٿي ته اليڪشن ڪميشن تجرباتي بنيادن تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال ڪري، قومي ادارن جي اندر ماضي جي حڪومتن سياسي ڀرتيون ڪيون، فيٽف ۾ پاڪستان کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته پ??پلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي پاليسين جي ڪري ملڪ جنهن گهيري ۾ ڦاٿل هو، الحمد الله اڄ ان کان ٻاهر اچي ويو ??هي?? بجيٽ جي بنيادي هدفن جو ذڪر ڪن??ي اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال جو بجيٽ اسان جي گذريل سالن جي ڪارڪردگي جو عڪاس هوندو، ان سان اسان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو، پگهاردار طبقي کي رليف، مهانگائي ۾ گهٽتائي جهڙن قدمن سميت آمدني ۾ اضافي تي بنيادي ڌيان ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب فنانس ٽيم بجيٽ تيار ڪري رهي آهي. هن چيو ته پ??ري دنيا هن وقت ڪورونا وائرس جي وبا سان وڙهي رهي ??هي?? اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي معيشت هن وقت منفي 7.3 کان هيٺ ??هي?? ٻين ملڪن ۾ به م??اشي حالتون ڪافي تبديل ٿيون آهن پر اسان وٽ صورتحال بلڪل مختلف ??هي?? اسان جي معاشي صورتحال مستحڪم ۽ بهتر آهي. هن چيو ته اسان مخالف ڌر سان چونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، وفاقي وزير چيو ته م??الف ڌر وکريل ??هي?? پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جون پاليسيون ڪليئر ٿي وينديون ته پ??ءِ معلوم ٿيندو ته مولانا فضل الرحمان ڇا چاهي ٿو؟ انهن ٽنهي جو قبلو هڪ ٻئي کان مختلف ??هي?? کين هڪٻئي جي سمجهه نه اچي رهي آهي. هن چيو ته م??الف ڌر جو ملڪي سياست ۾ هڪ اهم ڪردار هوندو ??هي?? اسان ان ڪردار کي تسليم ڪريون ٿا، اليڪشن سڌارن ۽ عدالتي سڌارن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.