اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بنا ڪنهن فرق جي انصاف جي فراهمي ?? قانون جي حڪمراني سان ئي ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي واڳيل هوندي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان جي 22 سالن جي جدوجهد جو بنيادي محور اهو ??ي اصول آهي، هو ??ابت قدمي ۽ پڪي عزم سان قانون جي نظر ۾ سڀ برابر جي ايجنڊا کي اڳتي کڻي وڌي رهيو آهي.