اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته ڀارتي مدد سان پاڪستان ۾ ڪيل دهشتگردي، ڪشمير ۾ ان جي ظلمن ۽ 15 سالن کان اسان جي خلاف برپا ان جي ڊس انفارميشن مهم جو پردو هٽي ٿي چڪو آهي، ڀارتي ميڊيا پاڻ مودي سرڪا?? سان ڳٺ جوڙ کي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان ڀارت جي جارحاڻي ارادن ۽ مودي سرڪار جي سفاڪيت تان پردو هٽائيندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزير??عظ?? عمران خان چيو ته 2019ع ۾ جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ مون ٻڌايو ته سفاڪ مودي سرڪار بالاڪوٽ واقعي کي ڪيئن پنهنجي چونڊ ف??ح لاءِ استعمال ڪيو. هاڻي پنهنجي سياه ڪارين جي حوالي ??ان مشهور ڀارتي صحافي جي تازه ڪميونڪيشن سان مودي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا وچ ۾ ناپاڪ ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿيو آهي.