اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ??يلاروس سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ دفاع سميت گڏيل دل??سپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ بيلاروس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير اينڊدي ارمولووچ سان ??لوداعي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.