اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب ??ي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت ??نصاف ڪارڊ ورهائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ هيلٿ ڪارڊ ذريعي صحت ??ي سهولتن بابت عوامي ردعمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پنجاب ??ي صحت واري صوبائي وزير ٻڌايو ته عوام پاران صحت ??نصاف ڪارڊ جي حوالي سان انتهائي حوصلي جوڳو ردعمل سامهون آيو آهي. صحت ??نصاف ڪارڊ جي ڪري مستحق ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن کي صحت ??ي حوالي خان خاطرخواهه رليف مليو آهي. وزيراعظم عوام جي مثبت ردعمل تي اطمينان جو اظهار ڪند?? هدايت ڪئي ته صحت ??نصاف ڪارڊ ذريعي معياري صحت ??ي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.