اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي هٿرادو کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آهي ته ??ٿرادو کوٽ جي ذميدارن جي خلاف سخت ڪاررو??ئي ڪئي وڃي. پيٽروليم واري وزارت ۽ اوگرا ايندڙ 48 کان 72 ڪلاڪن ۾ پيٽرول جي باقاعده سپل??ئي کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته اسان جي عوام جي هڪ طبقي ۾ ڪورونا جي باري ?? اڃان به غلط فهميون موجود آهن جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون ممڪن نه آهي، معاشري ?? اضطراب (خوف) پيدا ڪرڻ بدران ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻو پوندو، شوگر انڪوائري جي معاملي کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، کنڊ جي قيمت ۾ هر صورت ۾ گهٽت??ئي آڻينداسين، هي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي جنگ آهي جيڪو به ان معاملي ۾ ملوث هوندو ان جي خلاف ايڪشن ضرور ٿيندو، جڏهن ته ??فاقي ڪابينا ارسا ٽيلي ميٽر سسٽم کي سبوتاز ڪرڻ جي معاملي جي انڪوائري لاءِ ڪميٽي جوڙڻ، قابل ماڻهن کي سر??اري ادارن جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا چيو آهي ته سالن کان غير فعال اسٽيل ملز جو سڄو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، م??ڪي مفادن ۾ سڌارن واري ايجنڊا کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو، ڪابينا پولٽري جي قيمتن ۾ اضافي جي معاملي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.