اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال، ايف بي آر کان لاڳاپيل عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن ۾ اڳڀرائي، پرڏيهي ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين طرفان موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان مراعتن، پ??ڪس??ان اسٽيل ملز جي بحالي، معشت جي ثمرن کي عوام تائين پهچائڻ ۽ عوام کي رليف ??راهم ڪرڻ سميت ٻيا اهم ??عا??لا غور هيٺ آيا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام جي حڪومتي ڪوششن جا بهتر نتيجا نڪتا آهن، هن چيو ته اقتصادي انگن اکرن جي لحاظ سان سنگين مشڪلاتن ۾ گهيريل معيشت ۾ اڄ واضح استحڪام نظر اچي رهيو آهي.