اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نجي شعبي جي ترقياتي منصوبن ۾ ڀرپور شرڪت ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي وزارتن کي ان حوالي سان هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موجود قانونن ۽ عملن جو ??ائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم وزيرن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين کي پڻ اها هدايت ڪئي آهي ت?? اهي پ??هن??ي پ??هن??ي لاڳاپيل کاتن ۾ اهڙن ترقياتي منصوبن جي نشاندهي ڪن جتي رڳو سهولتڪاري، قانونن کي آسان بڻائي يا گهٽ مالي وسيلا لڳائي ترقياتي منصوبن تي ڪم شروع ڪري سگهجي ٿو. هن اها هدايت ملڪ ۾ معاشي عمل کي ت??ز ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان مختلف شعبن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.