اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته الحمد الله فيصل آباد ۾ قومي صحت ڪارڊ سان پهرين ٻ??رڙي جي پيدائش سعيد الله خان جي گهر ٿي، معصوم مهمان کي خوش آمديد چئ??ن ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن سان خيبرپختونوا، پنجاب، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ٿرپارڪر سميت 4 ڪروڙ کان وڌيڪ خاندان ( 18 ??روڙ آبادي) قومي صحت ڪارڊ سان 10 لک رو??ين تائين مفت علاج ڪرائي سگهندا.