ميڊرڊ – 11 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته پاڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان بامقصد حصيد??ري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن ميڊرڊ ۾ ٿنڪ ٽينڪس جي اعزاز ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي. آجياڻي جو اهتمام پاڪستان هائوس ميڊ??ڊ اسپين ۾ ڪيو ويو. اسپين ۾ پاڪستان جي سفير شجاعت راٺوڙ به پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ٿنڪ ٽينڪ، جرنلسٽ ۽ ماهر، دفاعي ۽ عالمي معاملن سميت، مختلف زندگي جي ش??بن سان تعلق رکندڙ ناليوارين شخصيتن آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان اسپين کي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي حوالي سان انتهائي اهميت وارو سمجهي ٿو، اسان جي حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اقتصادي سفارتڪ??ري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان جي 200 ملين آبادي تي ٻڌل اڀرندڙ مارڪيٽ سيڙپڪ??ري ۽ واپار جا ميسر وسيع موقعن طرف ڏي??ري رهيا آهيون، پاڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان گڏ بامقصد حصيد??ري جو خواهشمند آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ اسپين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپ??ري تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، افغانستان ۾ قيام امن سان علائقائي رابطن کي فروغ ملندو جيڪو اسان جي اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿيندو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون ج??ري رکيون آهن، تيزي سان بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ عام راءِ هموار ڪرڻ ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهي ڏيڻ ۾ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار بنيادي اهميت جو حامل آهي، معزز مهمانن پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.