اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سمور?? آبادي ۽ سمورن ه??ءِ ويز تي بهتر انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي آءِ سي ٽي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ??ار?? بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت سمورن شع??ن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ل??ءِ وڏي پئماني تي اڀرندڙ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد ايپس کي اختيار ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، بر??ڊ بينڊ ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ سان مقامي ماڻهن جي ل??ءِ روزگار ۽ اي ايجوڪيشن کي فروغ ملندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سياحت جون پرڪشش جايون آهن ۽ هتي انٽرنيٽ جي فراهمي حڪومت جي اهم ترجيح آهي. صدر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ بر??ڊ بينڊ جي فراهمي ۾ ايس سي او جي ڪردار کي ساراهيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، آزاد ڪشمير جي آءِ ٽي واري وزير محمد اقبال، آءِ ٽي واري وفاقي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت کانسو??ءِ پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ڊي جي ايس سي او ميجر جنرل شاهد صديق شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڊي جي ايس سي او آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ بر??ڊ بينڊ جي فراهمي جي ل??ءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.