اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين پاڪستان ۾ سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر موهن ويجي وڪرما سان ??لاقات ڪئي ۽ سريلنڪا جي شهري سان سيالڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظه??ر ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر کي سيالڪوٽ جي واقعي کانپوءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سيالڪوٽ واقعي جي سڄي ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفت??ر ڪيو ويو آهي. ان ??وقعي تي سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظه??ر ڪندي چيو ته سيالڪوٽ واقعي سان ??نهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر نه پوندا.