اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي دوري تي آيل ا??غا??ستان جي عبوري حڪومت جي وق??ي پرڏيهي وزير امير خ??ن متقي جُون پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خ??ن، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سميت پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ا??غا??ستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق، ا??غا??ستان ۾ پاڪستان جو سفير منصور احمد خان ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ا??غا??ستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند اهي، پاڪستان ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي ا??غا??ستان ۾ گذريل 40 سالن کان جاري جنگ ۽ بدامني سبب سخت متاثر ٿيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان گذريل چار ڏهاڪن کان 30 لک ا??غا?? پناهگيرن جي ميزباني ڪندو اچي رهيو آهي. هن چيو ته ا??غا??ستان کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ پاڪستان مسلسل عالمي برادري کان فوري امداد ۽ مثبت ڪردار جي گهرج ڪندو آيو آهي، پاڪستان محدود وسيلن جي باوجود ا??غا?? ڀائرن جي انساني معاونت، دوائن ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير ان نازڪ موڙ تي افعانستان جي اندر ۽ ٻاهر امن مخالف عنصرن تي سخت نظر رکڻ جي تاڪيد ڪئي. پرڏيهي وزير ا??غا?? وفد کي ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ شريڪ روس، چين ۽ آمريڪي نمائندن خاص طور تي ا??غا??ستان سان ٿيندڙ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ا??غا??ستان جي پاڙيسري ملڪن جي ايندڙ اجلاس ۾ ا??غا??ستان جي عبوري حڪومت جي نمائندن کي پڻ گهرايو وڃي پرڏيهي وزير ا??غا?? وفد کي پاڪستان ۽ ا??غا??ستان جي وچ ۾ واپاري رابطن، واپاري لنگهه ۾ فراهم ڪيل سهولت ۽ انساني معاونت جي لاءِ کنيل قد??ن کان آگاهه ڪيو. ا??غا??ستان جي عبوري حڪومت جي وق??ي پرڏيهي وزير امير خ??ن متقي ا??غا??ستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۽ عالمي برادري جو ڌيان ا??غا??ستان جي خراب ٿيل اقتصادي صورتحال طرف ڇڪرائڻ ??ي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.