اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن وار?? وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته حڪومت جي رٽ هر صورت ۾ قائم ڪئي ويندي، پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳالهيون لاڀائتيون ثابت نه ٿيون، حڪومت پنهنجن وعدن تي قائم آهي، مارچ جي منتظمين پنهنجي مرڪز واپس وڃڻ جو پنهنجو وعدو پورو ڪن. پنجاب ۾ پوليس کي ري????رز جي ماتحت ڪيو ويو آهي، دهشتگردي ايڪٽ تحت ري????رز کي سمورا اختيار حاصل آهن، صورتحال تي وزيراعظم قوم کي اعتماد ۾ وٺندو، ايف آءِ اي کي سوشل ميڊيا تي قابض اعتراض مواد خلاف ڪارروائيءَ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪن??ي گهرو معاملن وار?? وفاقي وزير ٻُڌايو ته ڪميٽيءَ جو اجلاس 2 ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير فواد چوڌري، بچاءَ وار?? وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن وار?? وفاقي وزير نورالحق قادري، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف کان علاوه هٿياربند فوج جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت جي رٽ ۽ امان امان کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. گهرو وزير چيو ته هو اميد ٿو ڪري ته ڳالهيون ٻيهر شروع ٿينديون، جنهن ۾ حڪومت جي نمائندگي مان ۽ نورالحق قادري ڪن??اسين. هن چيو ته ڪالهه آرٽيڪل 147 تحت پنجاب پوليس ري????رز جي ماتحت ڪيو ويو، پنجاب حڪومت کين ضرورت مطابق ڪٿي به ڪتب آڻي سگهي ٿي،
اسان جي ڪوشش آهي ته معاملا احسن طريقي سان حل ٿين. جي ٽي روڊ تي 12 ربيع الاول کان وٺي هن وقت تائين ڌرڻن ۽ مارچن کان عوام متاثر ٿي رهيو آهي، ان دوران هنگامن ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 80 کان وڌيڪ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي چڪا آهن، جن مان 6 کان 8 تائين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. گهرو وزير چيو ته لٺ بر??ار پوليس اهلڪارن تي گوليون هلايون ويون، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت پوليس کي ري????رز جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته مان ڳالهين کان پوءِ جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، حڪومت ان تي قائم آهي پر جي ٽي روڊ کولڻ ۽ مرڪز واپس وڃڻ جو وعدو ٻي ڌُر جو هو جيڪو انهن پورو نه ڪيو. جيڪڏهن ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي پهتيون ته قوم کي اعتماد ۾ ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان قوم کي صورتحال کان آگاهه ڪن??و. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته صورتحال جي حوالي سان ڀارت، هانگ ڪانگ، ڏکڻ ڪوريا، ڏکڻ آفريقا، آمريڪا ۽ بر??انيه سميت مختلف ملڪن مان واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا تي مواد اپ لوڊ ڪيو پيو وڃي. پاڪستان کان جيڪي ماڻهو ان ڪارروائيءَ ۾ ملوث آهن انهن خلاف ايف آءِ اي کي ڪارروائيءَ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته ان صورتحال سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو تماشو ٿي رهيو آهي، مان توقع رکان ٿو ته قومي نقصان نه ٿئي، پوليس جون جانيون به قيمتي آهن، سعد رضوي سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، لاهور ۾ پڻ ڳالهيون ٿيون هيون پر ڳالهيون لاڀائتيون نه ٿي سگهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي ستون ڀيرو مارچ لاءِ نڪتا آهن عوام کي ان صورتحال سبب وڏي تڪليف جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ري????رز کي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ سمورا اختيار حاصل آهن، اميد ٿا ڪريون ته ڳالهين سان مسئلي جو ڪو حل نڪرندو.