اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علاج سان گڏوگڏ بيمارين کي روڪڻ ۽ انهن کان بچاءُ لاءِ احتياط ۽ پرهيز به لازمي آهي، ان حوالي سان طب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي ترجيحون تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماڻهن کي بيمارين کان بچڻ جي حوالي سان وڌ کان وڌ آگاهي ڏيڻ سان صحت ۾ بهتري جا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن هي??ٿ سروس اڪيڊمي ۾ 11 هي?? سالياني پبلڪ هي??ٿ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نيشنل هي??ٿ سروسز بابت پارلياماني سيڪريٽري نوشين حامد، يونيورسٽي آف هي??ٿ سائنس لاهور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر جاويد اڪرم ۽ هي??ٿ سروس اڪيڊمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي به خطاب ڪيو. صدر صحت جي شعبي جي بهتري جي لاءِ علاج سان گڏوگڏ بيماري کان بچاءُ ماڻهن ۾ احتياط ۽ پرهيز جهڙن روين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسان جو نظام بيمارين جي علاج لاءِ ڊاڪٽر تيار ڪندو آهي جڏهن ته علاج کانسواءِ بيماري کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ احتياط جي به وڏي اهميت آهي. ان حوالي سان طب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي ترجيحون بدلائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته صفائي سٿرائي ۽ صحت جي اصولن کي اخيتار ڪري بيمارين کان وڏي حد تائين محفوظ رهي سگهجي ٿو. اسان جو مذهب اسلام پاڪيزگي ۽ طها??ت اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو آهي جيڪو صحت مند زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي، صدر چيو ته طب جي شعبي وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ وڏين وڏين بيمارين تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پر گڏوگڏ ن??ون بيماريون به جنم وٺي رهيون آهن جنهن کان بچڻ لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفي، نون ڄاول ٻارن کي لازمي ماءُ جو کير پيارڻ ۽ عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جهڙي صحت جي موضوعن تي عام ڳالهه ٻولهه ناهي ٿيندي جنهن جي ڪري ان حوالي سان آگاهي جي کوٽ آهي ۽ ان سان صحت جا سنگين مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ان طرف به مناسب ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر هي??ٿ سروس اڪيڊمي جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ان جا معاشري تي اثر نظر اچڻ گهرجن، ان کان اڳ هي??ٿ سروس اڪيدمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي صدر پاران هي??ٿ سروس اڪيڊمي جي اعليٰ ترين سطح تي سرپرستي فراهم ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. هن هي??ٿ سروس اڪيڊمي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو.