اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد ٻٽا شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ رکندڙ شهرين کي 31 آڪٽوبر تائين مهلت ڏيندي چيو آهي ته ان عرصي دوران هو پنهنجو جعلي پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ ڪينسل ڪرائين، اسلام آباد ۾ ??در??ي جو معاملو خوش اسلوبيءَ سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، قانون کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، نيوزيلينڊ جي ٽيم کي فوج جي سيڪيورٽي ڏني وئي اوچتو واپس وڃڻ جي ا??هن جي فيصلي تي افسوس آهي، هڪ ڏي??هن ايندو جو سڄي دنيا جون ٽيمون هتي اينديون، 19 ۽ 20 صفر تي چهلم جي موقعي تي صوبن کي ضرورت مطابق پاڪ فوج، رينجرز ۽ سول آرمڊ فورسز مقرر ڪيا ويندا. موبائل فون سروس ضرورت تحت بند رکي ويندي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته افغانستان مان 16 هزار ڄڻن کي واپس ڪيو ويو آهي جن ۾ 4 هزار طورخم ۽ چمن بارڊر وسيلي هتي آيا آهن. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، وزيراعظم عمران خان تاجڪستان ۾ چيو هو ته افغانستان ۾ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته جن ماڻهن وٽ 2 پاسپورٽ ۽ 2 شناختي ڪارڊ آهن ۽ جن ماڻهن جو ويزا ختم ٿي چڪو آهي ڪابينه ۾ سمري اُماڻي رهيا آهيون ته ا??هن کي 31 آڪٽوبر تائين ڇوٽ ڏني وڃي، ا??هن مان ڪير به هڪ شناختي ڪارڊ ۽ هڪ پاسپورٽ تان هٿ کڻڻو پوندن. هن چيو ته چهلم جي حوالي سان اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سمورن صوبن جي اجازت سان چهلم جي موقعي تي موبائل فون سروس بند رهندي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ 50 بجاءِ 100 وارڊن ۾ چونڊون ٿينديون، اسلام آباد ??ي بلاگر صحافي جي قتل جي حوالي سان جيڪا پروپيگنڊا ڪئي پئي وئي ان جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ قاتل اسلام آباد پوليس جي ريمانڊ ۾ آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ اٽڪل 511 ??در??ا ۽ هڪ هزار مسجدون آهن، ا??هن مان صرف هڪ ??در??ي جو مسئلو ٿيندو رهندو آهي، انتظاميه ا??هن سان ڳالهين ۾ رهندي آهي ته جيئن ا??هن جو ڪو حل ڪڍي سگهجي. اسان گڏيل اتفاق راءِ سان معاملي کي حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جيڪا الزام تراشي ڪئي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کين آرمي جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي، ايتري ته نيوزيلينڊ جي فورس به ناهي جيتري کين سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي. اسان آخري لمحي تائين ڪوشش ڪئي ته مسئلو حل ٿئي پر ائين نه ٿي سگهيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان سڄي دنيا سان بهتر ناتا چاهي ٿو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان پاڙيسري جي حيثيت سان افغانستان ۾ انساني ه??در??يءَ تحت امداد ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دنيا جا هاءِ سيڪيورٽي ايڪسپرٽ جڏهن پاڪستان جو دؤرو ڪري رهيا هئا ته ان مهل سيڪيورٽي اِشو کي ڇو نه اُٿاريو ويو، ڀارت ۾ ڪورونا جي ڪري ميچون ناهن ٿي رهيون، جڏهن ته وزيراعظم جي ڪامياب حڪمت عمليءَ تحت پاڪستان ڪورونا ??ي بحران مان نڪري ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي 80 هزار ماڻهن پنهنجي حياتين جا نذرانا پيش ڪيا آهن اسان جي قربانين جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي ايجنسين جو شمار دنيا ??ي بهترين ايجنسين ۾ ٿيندو آهي، جيڪڏهن ا??هن وٽ ٿريٽ الرٽ نه هو ۽ جيڪي اِي ميل آئي اها به ان ??ي بعد آئي. هن چيو ته ڀارت وٽ رڳو ٻه ئي خبرون آهن هڪ شيخ رشيد ۽ ٻيو طالبان. مون سياچن جو دؤرو امن لاءِ ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جون سموريون سرحدون محفوظ آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان ۾ ڪابه پناهگير ڪيمپ ناهي، افغان پناهگيرن جڏهن چاهيندا کين وطن اُماڻڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستاني قوم جو ڪرڪيٽ سان وڏو لڳاءُ آهي جڏهن وزيراعظم عمران خان ورلڊ ڪپ کٽيو ته ان وقت مان راندين وارو وزير هئس. هن چيو ته چونڊن بعد هر ڪوئي ڌانڌليءَ جو راڳ آلاپيندو آهي، اسان جي اپوزيشن انڊر 19 ٽيم آهي، اها اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪندي، حڪومت صاف شفاف چونڊن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ??ي بل کي قومي اسيمبليءَ مان پاس ڪرائيندي. هن چيو ته اپوزيشن ايندڙ چونڊن جي تياريءَ لاءِ نڪتي آهي، حڪومت اپوزيشن کي دعوت ڏئي ٿي ته اها اسان سان گڏجي ويهي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪري.