اسلام آباد-15 سيپٽمبر(اي پي پي ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏيل عرب ا??ار??ت جي هم منصب شيخ عبدالله بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت جي وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبي ۾ سهڪار جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو . پرڏيهي وزير ا??ار??تي هم منصب کي دبئي ۾ منعقد ٿين??ڙ ايڪسپو 2020 جي بهترين انتظامن تي مبارڪباد ڏني ۽ ايڪسپو جي شاندار ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اهم علائقائي گڏيل دلچسپي وارن معاملن افغانستان جي ص??رتحال تي ص??اح مشوري جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو .