اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جي رياست جي رخن تي قائم ڪرڻ ۾ اسلامي نظ??ياتي ڪائونسل جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، مديني جي رياست جا ٻه س??هر?? اصول جن ۾ انصاف ۽ عوامي ڀلائي آهي، اولهه انهن ئي اصولن کي اختيار ڪري ترقي ڪئي، بدقسمتي سان پاڪستان کي حقيقي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ بابت اڳ ۾ ڪنهن ليڊر نه سوچيو. اهڙن ??يالن جو اظهار هن اسلامي نظ??ياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز ۽ ڪائونسل ميمبرن س??ن ڳالهائيندي ڪيو.