مظفر آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي و??يراعظم راجا فاروق حيدر خان جي ميزباني ۾ آزاد ڪشمير جي سمورين پارلياماني پارٽين جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي و????ي صلاحڪار معيد يوسف خصوصي شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پاران والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي و??ي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي و??يراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته 35 ??ي جو خاتمو ۽ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جون ڪوششون عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، هڪ سال ٿي ويو آهي و??لاريل ڪشمير مڪمل فوجي گهيراءُ ۾ آهي عوام قيدين وانگر زندگي گذاري رهي آهي، پاڪستان حڪومت ڀارتي قدمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ جارحاڻي سفارتي مهم هلائي، پاڪستان ۾ هڪ قومي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، آزاد ڪشمير ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سڄي دنيا ۾ هڪ ٿي ڀارت جي خلاف پرامن سياسي تحريڪ هلائيندا، مودي جي انتهاپسنداڻي سوچ ڀارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير جي معاملي تي آزاد ڪشمير جي سمورين سياسي ??ارٽين سمورن ادارن ۾ ڪشمير جي معاملي تي مڪمل هم آهنگي آهي، پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڪشميرين جي جدوجهد جي آزادي ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون، 5 آگسٽ تي پرڏيهي و??ارت ۾ ملڪ جي سمورين سياسي ??ارٽين جو خصوصي اجلاس ٿيندو. رياستي پارٽين جو پاڪستاني قوم ۽ حڪومت پاران 5 آگسٽ کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي رياستي قيادت پاران ٿورا مڃيا ويا. پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي ڪشميري قيادت کي ڪشمير پاليسي ۽ عالمي سطح تي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.