اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سڀاڻي ڇنڇر کان لاڪ ڊائون کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان جي ڪري عام ماڻهو جي زندگي مشڪل ۾ آهي ۽ ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروباري طبقي، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن، پورهيتن، دڪاندارن، رڪشي ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن سميت هيٺئين درجي جي طبقي کي سخت مشڪلاتن کي منهن ??يڻو پئجي رهيو آهي، عوام ايس او پيز جي سختي سان پاڻمرادو پابندي ڪري، پوليس ذريعي ڇاپا هاڻي اهو مسئلو حل نه ٿو ڪري س??هج??، پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ تي صوبن جا خدشا آهن، انهن ??انسواءِ فيصلا نه ٿا ڪرڻ چاهيون، صوبن سان مشاورت جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. و??ير??عظم چيو ته 26 فيبروري تي ڪورونا جو پهريون ڪيس سامهون آيو، 13 مارچ تي جڏهن ملڪ ۾ رڳو 26 ڪيس هئا ته حڪومت لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ۽ تڏهن ??ان اڄ تائين حڪومت مختلف قسم جي ميڙن ?? عوامي ميڙ وارين جاين کي بند ڪيو آهي. هن ??يو ته اهو وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو ۽ تمام جلدي هڪ کان ٻئي ??اڻهو کي منتقل ٿئي ??و، ان لاءِ ان جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جو ذريعو سماجي فاصلو ئي آهي.