اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون ک??ن متاثر ماڻهن جي لاءِ رليف ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح ۽ ذميواري آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف آڊ??ننس عوام کي مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي کان بچائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي عزم جو واضح اظهار آهي، عوام جي مشڪلاتن مان فائدو کڻندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اهڙن عنصرن سان سختي س??ن منهن ڏنو ويندو، ذخيره اندوزي سان ن??جا??ز منافعو ڪمائيندڙن کي آر??ين??س تحت سزا ڏني ويندي.