اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام کي ڪورونا کان ??حفوظ رکڻ ۽ بک کان بچائڻ جي لا??ِ قدم کڻي رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف (ن) ليگي قيادت کي عوام بدران شريف خاندان جو درد ياد اچي رهيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ شاهد خاقان عباسي کي مخاطب ڪندي هن چيو ته جن حڪمرانن کان ??لڪ نه هلندو هو عوام انهن کي اقتدار کان ??اهر ڪري ڇڏيو، پنجاب ۾ (ن) ليگين جو ش??باز شريف کي ياد ڪرڻ انهن جي اقتدار کان ??حرومي ??ان واڳيل آهي.