اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊو??لڊ ٽرمپ جو ڀارت ۾ بيهي پاڪستان س??ن دوستي جو اظهار هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، ڀارت ۾ بيهي ٽرمپ جو دهشتگردي جي خلاف اسان جي مثبت ڪردار جو اعتراف ڪرڻ سان ڀارتي بيانيو دفن ٿ?? ويو، ٽرمپ جو بيان امن قائم ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪوششن جو چٽو ثبوت آهي، مودي خطي ۽ ڀارت ۾ نفرت، تعصب ۽ جنگ جي باهه ڀڙڪائڻ بدر??ن دوستي جي پيغام ۽ ان جي طاقت کي سمجهي.